ڍڪ بازار شڪارپور

ڍڪ بازار شڪارپور

ڍڪ بازار شڪارپور

ڍڪ بازار شڪارپور: شڪارپور شهر جي هندن جي ڪيل هڪ بازار، جنهن کي تاريخي حيثيت حاصل آهي. هي بازار لکي در کان شروع ٿي ’اسٽورٽ گنج‘ وٽ ختم ٿئي ٿي. هيءَ بازار هڪ ميل ڊگھي ۽ شهر جي ٻن طرفن اڀرندي ۽ الهندي جي وچ ۾ آهي. ڍڪ بازار شهر جي اهم بازار آهي. ڍڪ بازار ڪاٺين جي ڪئنچين جي مٿان ٽاٽ رکي ڍڪي وئي هئي. شڪارپور جي دل سڏجندڙ هيءَ بازار اهڙي نموني ته ڍڪي وئي آهي، جو گرمين جي موسم ۾ به سموري بازار ٿڌي رهندي آهي. هيءَ بازار برساتن جي موسم ۾ پاڻيءَ کان به محفوط رهندي هئي. برسات جو پاڻي ڪڏهن به هن بازار ۾ نه آيو. هن بازار ۾ قديم دؤر ۾ هر قسم جو سامان ملي سگھندو هو.
هن بازار ۾ ’تارا سنگهه جواهريءَ جي پڙي‘ ڪافي مشهور هئي، جنهن پڙيءَ ۾ بصري جا موتي، رنگون جا ياقوت، برازيل جو پنو، لنڪا جو پکراج، آفريڪا جا هيرا، اٽليءَ جو موڱو وغيره جهڙن جواهرن جا ٻڌا واپار ٿيندا هئا. پروفيسر بدر اڄڻ لکي ٿو ته: ”شڪارپور شهر جي ڪاٺين جي ڇت واري ڊگھي ۽ وڏي بازار، جيڪا شهر جي وچ مان لنگھي ٿي، ڏسڻ لائق آهي. اهڙي قسم جي ڪاٺيءَ جي ڇت، سنڌ ته ڇا، پاڪستان جي ڪنهن به شهر ۾ نه آهي. گرميءَ توڙي سرديءَ يا برسات دوران هيءَ ڇت سٺو ڪم ڏئي ٿي.“
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ تائين هي بازار ڪافي اوج تي هئي. هن وقت ڇت جا ڪافي حصا سڙي چڪا آهن ۽ بي ڌيانيءَ سبب ڇت مان ڪافي ڪاٺ چوري پڻ ٿي چڪو آهي. ان ڪري هي بازار پنهنجو اوج وڃائي چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو